سنڌ جي صنعتن واري کاتي ۾ ” اي سروسز سنڌ“ ايپ جو افتتاح

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران صنعت، واپار ۽ روينيو  کاتن واري صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا اڄ صنعتڪارن، سفارتڪارن ۽ سرڪاري آفيسرن جي هڪ وڏي تعداد جي موجودگي ۾ سائيٽ لميٽيڊ ۽ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي زمين جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ آن لائن منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ڊجيٽلائيزيشن ۽ آن لائن منصوبي کي فعال ٿيڻ سان ”اي سروسز سنڌ“ نالي هڪ موبائل ايپ هاڻي دستياب هوندي. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا چيو ته اڄ سنڌ ۾ گڊ گورننس جي حوالي سان تاريخي ڏينهن آهي. محمد يونس ڍاگا چيو ته سائيٽ لميٽيڊ ۽ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن سميت سڄي سنڌ ۾ ڪراچي، ڪوٽڙي، حيدرآباد، سکر وغيره جي سمورن رياستن (States)  جي زمينن جا رڪارڊ ۽ نقشا ڊجيٽل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته انهن کاتن جي صارفين کي هاڻي سموري سروسز سميت اين او سي، اجازت ۽ ٽرانسفر آن لائن دستياب هونديون. هن چيو ته درخواست ڏيندڙن کي هاڻي غير ضروري طور تي آفيسن ۾ اچڻ جي ضرورت نه پوندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.