خديجه شاهه وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪوئيٽا ( م ڊ ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت خديجه شاهه کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس خديجه شاهه کي 3  ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي درخواست ڪئي ته خديجه شاهه کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وڃي. اي ٽي سي ۾ خديجه شاهه جي ڪيس جي پيروي اقبال شاهه ايڊووڪيٽ ڪئي. پوليس موجب خديجه شاهه کي 9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. خديجه شاهه کي گذريل اڱاري ڏينهن لاهور مان حراست ۾ وٺي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.