ڪا به ڪارروائي نه ڪندڙ جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيندي: عدالت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله  ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجدعلي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت 25 جنوري تائين ڌرين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جاچ آفيسر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ته عدالت هُن خلاف ڪارروائي ڪندي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪري آيا آهيو، جاچ آفيسر چيو ته 25 جي آءِ ٽي ۽17صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن، گم ٿيل مشتاق عرف عادل ڏوهه ۾ ملوٽ آهي، مشتاق جي امڙ چيو ته هي سڀ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، منهنجي پٽ جو ڪنهن به تنظيم سان نه آهي، هو ڏوهاري آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪري سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.