نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کان پڇاڻو نٿي ڪري سگهي : مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد ( م ڊ ) نگران سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نگراني نٿي ڪري سگهجي پر ڪميشن  نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران اطلاعات واري صوبائي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو ذميوار واحد آئيني ادارو آهي، اليڪشن ڪميشن ئي آئين ۽ قانون جي روشني ۾ پنهنجي عملدرآمد جو اعلان ڪندي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي جواب نه ٿا ڏئي سگهون جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته هو اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ضلعي رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، پاڪستان ۾ آئيني حڪومت آهي ۽ اسان آئيني عمل جي پيداوار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي تحت هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، ميڊيا آزاد آهي، ان تي ڪا به پابندي ناهي، سمورن رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر جا موقعا ڏنا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.