پشاور (م ڊ) پشاور يونيورسٽي ۽ عبدالولي خان يونيورسٽي جي وائيس چانسلرز جي الوداعي ڏينهن تي ملازمن توهين آميز سلوڪ ڪيو، رد عمل ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر ظهور الحق چيو ته مون کي يونيورسٽي سان گڏ ملازمن جي تربيت لاءِ به ڪم ڪرڻ گهرجي ها، پشاور يونيورسٽي ۽ عبدالولي خان يونيورسٽي جي وائيس چانسلرز جي الوداعي ڏينهن تي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن، جامهه پشاور جي وائيس چانسلر جي الوداع ڪرڻ جي لاءِ ملازمن گڏهه کي وي سي آفيس آندو، گڏهه تي ويهي ملازمن وي سي جي وڃڻ تي خوشي ۾ رخص ڪيو، عبدالولي خان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پنهنجي رٽائرمينٽ جي ڏينهن ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويو، هجوم اڳوڻي وي سي جي پيڇو ڪيو ۽ شديد نعريبازي ڪئي، ڊاڪٽر ظهور الحق چيو ته ملازمت جي آخري ڏينهن هجوم منهنجو پيڇو ڪيو، الله مون کي بچايو، موجوده وي سي کي جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.