سنڌ جي زمينن جي نيلامي رد ڪريون ٿا: غفور حيدري

جيڪب آباد/پنوعاقل (رپورٽ: سڪندر سرڪي+رستم انڍڙ) غير ملڪي ايجنڊا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.پاڪ افغان برف پگھرڻ واري آھي. جي يو آءِ کانسواءِ ڪا به حڪومت نه ٿي بڻجي سگهي.زمينن جي نيلامي رد ڪريون ٿا جي يو آءِ سنڌ ۾ تمام تڪن تي اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ڪيو آھي.اھڙن خيالن جو اظهار جي يو آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ جي يو آء سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو جامعه حماديه ۾ جي يو آءِ سنڌ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ تقريرن ۾ ڪيو،غفور حيدري چيو ته سنڌ م  زمينن جي نيلامي کي رد ڪريون ٿا زرعي انقلاب جي نالي تي ھتان جي ھارين سان زيادتي برداشت نه ڪنداسين هوڏانهن پني عاقل ۾ مولانا عبدالقيوم ھاليجوي جي رھائشگاھ تي پھچي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڳالهيون ڪندي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته اليڪشن لاءِ مڪمل طور تي تيار آھيون ، سنڌ ۾ به جماعت جي ڊي اي سان گڏجي اليڪشن وڙھڻ وڃي پئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.