آبپاشي کاتي حيدرآباد ۾ زمين جو ڪرايو وڌرائي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ايشور لعل جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيندي  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مدد سان آبپاشي کاتي جي تمام قيمتي زمين جي ڪرائي ۾ 120 ڀيرن کان به وڌيڪ اضافو ڪرائي ورتو. تفصيل مطابق حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالوني ۾ کاتي جي زمين تي سالن کان پي ايس او جو پيٽرول پمپ هو. جنهن تي پمپ جو مالڪ ڪيترن ئي سالن کان اڳ ٿيل معاهدي تحت صرف 8 هزار رپيا ماهوار ادا ڪري رهيو هو، ڊپارٽمينٽ پاران  ڪرائي ۾ واڌ بابت ڪيترائي ڀيرا پيٽرول پمپ مالڪ سان رابطو ڪيو پر پمپ مالڪ نه ئي ڪرايو وڌائي پيو ۽ نه ئي رضامند هو نه ئي ٻولي لڳائڻ ڏيندو هو،  جڏهن ته پيٽرول پمپ جو مالڪ 2007ع ۾ ليز ختم ٿيڻ کان پوءِ زمين تي قبضو ڪري رهيو هو ۽ ان جو ڪرايو به ادا نه ڪري رهيو هو. سنڌ جي آبپاشي وزير ايشور لال جي سخت حڪمن تي کاتي جي زمينن کي خالي ڪرڻ لاءِ کاتي عدالت کان مدد گهري، جنهن بعد عدالت آبپاشي کاتي جي حق ۾ فيصلو ڏنو آبپاشي کاتي پاران قيمتي زمين جي ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ نيلامي ڪئي وئي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولي 9 لک 15 هزار رپيا ماهوار لڳايا ويا. آبپاشي کاتي سڀ کان وڌيڪ بولي ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪندي ڪرائيداري جو معاهدي طئي ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.