اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم جڊيشل ڪائونسل مس ڪنڊيڪٽ ريفرنس ۾ جسٽس مظاهر نقوي کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ پهرين جنوري تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم جڊيشل ڪائونسل مس ڪنڊيڪٽ ريفرنس ۾ جسٽس مظاهر نقوي کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي چيو آهي ته پهرين جنوري کان پوءِ وقت نه ڏنو ويندو. جيڪڏهن جسٽس مظهر نقوي جو جواب اطمينان بخش آهي ته ڪائونسل ڪارروائي ختم ڪري ڇڏيندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ساٿي جج خلاف ڪارروائي تمام ڏکوئيندڙ عمل آهي. اسان کي اهو پسند نه آهي ته ڪنهن ساٿي جج کي ڪٽهڙي ۾ اچي سوالن جا جواب ڏين. هن وڌيڪ چيو ته آڊيو ليڪ ٿيڻ جي جاچ ٿيڻي آهي ته آڊيو صحيح آهن يا نه، اڄڪلهه ڪير به آڊيوز ٽوڙي مروڙي ٺاهي سگهي ٿو. جسٽس مظهر نقوي جي درخواست تي سپريم جڊيشل ڪائونسل به ڪارروائي جي شروعات ڪئي ۽ وڌيڪ ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.