عوام کي وڏو رليف، پيٽرول 14 رپيا ۽ ڊيزل 13 رپيا 50 پئسا سستو

اسلام آباد ( م ڊ )  نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزارت اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول 14 رپيا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 50 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ آئل جي قيمت ۾ 10 رپيا 14 پئسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 11 رپيا 29 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ پيٽروليم شين جا اگهه لاڳو ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.