ڪراچي (رپورٽر) تعيلم کاتي ميرپورخاص جي ٽن هاءِ اسڪولن بابت رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي جي سرڪاري اسڪولن جي خراب حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس ۽ ڊائريڪٽر منصوبابندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيا ويا، ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن جي غفلت سبب اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو، جيڪڏهن ڪنهن اسڪول جي عمارت ڪرڻ جو واقعو پيش اچي ته ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرايا وڃن، سمورا سيشن ۽ ضلعي ججز اهڙن ڪيسن تي نظر رکن، تعليم کاتي طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪلاس رومن جي حالت خراب آهي، 40 کان وڌيڪ شاگرد هڪ روم ۾ ويهاريا ويا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته هڪ ڪلاس روم ۾ 40 کان وڌيڪ شاگردن کي نٿو ويهاري سگهجي، گروڙ شريف هاءِ اسڪول ۾ اسٽاف سميت سهولٽ جي کوٽ آهي، تعليم کاتي جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته ٽن هاءِ اسڪولز جي لاءِ 8 ڪروڙ کان وڌيڪ جي رقم مختص ڪئي وئي، حڪومت 70 لک رقم جاري ڪئي پر ڪم اڃا تائين شروعاتي مرحلن ۾ آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڍلهيار کپرو هاءِ اسڪولن جي هاءِ اسڪول جا ڪلاس روم ڪرڻ جي ويجهو آهين، ٻار وڻن هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا، عدالت چيو ته فنڊ جي باوجود عملدار ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ان حوالي سان سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ميرپورخاص کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪريو، سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته ناڻي وارو سيڪريٽري خراب حالت وارن اسڪولن جي عمارتن لاءِ فنڊز جاري ڪري، وڌيڪ ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.