شڪارپور ۾ بااثر وٽان آزاد ڪرايل نينگري والدين حوالي، سردار خلاف ڪيس داخل

شڪارپور (ڊ ر) شڪارپور ۾ نينگريءَ سان جبري طور شادي نه ڪرڻ تي 65 ورهين جي بااثر پاران نينگريءُ کي مبيناطور اغوا ڪرڻ وارو  مامرو، نينگري عدالت ۾ پيش، والدين حوالي، بااثر سردار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، شڪارپور جي ڳاهيجا ڳوٺ واسڻ 12 ورهين نينگري شازيه ڌيءَ ڀلي ڏنو مڱڻيجو سان 65 ورهين جي پوڙهي بااثر وڏيري غازي خان مڱڻيجي پاران مبينا طور شادي ڪرڻ لاءِ سندس والدين تي زور ڀرڻ ۽ والدين جي انڪار تي نينگري کي مبينا طور اغوا ڪرڻ واري مامري جي ٿرڊ ايڊشنل جج محمد ابراهيم شيخ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي گذري پوليس پاران نينگريءَ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت پاران نينگريءَ جي ماءُ جي وڪيل  ۽ پوليس جا بيان ٻڌڻ بعد نينگريءَ جي رضامنديءَ سان کيس والدين حوالي ڪيو ويو، عدالت پاران بااثر خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي جو پڻ پوليس کي حڪم جاري ڪندي، نينگريءَ ۽ سندس والدين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته بااثر وڏيري غازي خان مڱڻيجي خلاف عدالتي حڪم بعد ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.