حيدرآباد (رپورٽر) نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اتحادين سان گڏجي ڀرپور حصو وٺي سنڌ جو سياسي منظر تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سنڌ ۾ ضد سبب ماضيءَ ۾ سياسي پارٽين پاڻ ۾ اتحاد نه ڪيو، جنهن سبب گذريل 15 سالن کان هڪ ئي پارٽي جي حڪومت رهي آهي پر هن ڀيري اليڪشن کان پوءِ سنڌ جو منظر تبديل ٿي ويندو، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت کي وفاق پاران هزارين ارب رپيا ڏنا ويا پر خبر ناهي ته اهي پئسا ڪيڏانهن ويا، سڄي سنڌ تباهه لڳي پئي آهي، حيدرآباد جي حالت اڄ به اها ئي آهي، جيڪا 60 سال اڳ ۾ هئي، حيدرآباد کي اڄ تائين ڪوبه ميگا پروجيڪٽ نه ڏنو ويو آهي، جڏھن تھ ڪراچي جا ماڻهو اڄ به ٽينڪرن جي ذريعي پاڻي حاصل ڪري رهيا آهن، هاڻ نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سنڌ اچي رهيا آهن ۽ اهي ئي سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪندا. پي ٽي آءِ اليڪشن کان ڀڄڻ چاهي ٿي، سمورن اتحادين سان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر 18 هين ترميم بابت ڪنهن سان به ڳالهه نه ٿي آهي، 18هين ترميم کي ڪا هڪ پارٽي ختم نٿي ڪري سگهي.