حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌ جي اديبن، شاعرن، قلمڪارن، صحافين، وڪيلن ۽ ساڃاهه وندن جو شڪريو ادا ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ مهراڻ سنڌي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف عوامي تحريڪ پاران شروع ڪيل جدوجهد کي وسيع ڪيو ويندو، سڀاڻي ٺٽي ۾ ڪانفرنس ۽ 27 ڊسمبر تي ٺري ميرواهه ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، 18 ڊسمبر تي مٺي، 19 ڊسمبر تي گولاڙچي، 21 ڊسمبر تي ٽنڊو محمد خان، 22 ڊسمبر تي حيدرآباد، 23 ڊسمبر تي سانگهڙ، 24 ڊسمبر تي نوشهرو فيروز، 30 ڊسمبر تي لاڙڪاڻو، 31 ڊسمبر سکر ۽ 5 جنوري 2024ع تي دادو سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف وقتن تي بک هڙتالون ڪيو وينديون. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته نگران سرڪار زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ اليڪشن ۾ دير ڪرائڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، سنڌ ليفٽ فرنٽ طرفان 24 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ اعلانيل ڌرڻي ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان اڄ سموري سنڌ ۾ اعلانيل احتجاجن جي حمايت ڪيون ٿا.