ثقافت ڏهاڙو ملهائيندڙن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ تي افسوس آهي: جنيد شاهه

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٻن ڏينھن وارو مي رقصم صوفي ميلو شروع ٿي ويو، جنھن جو افتتاح ثقافت کاتي جي نگران صوبائي وزير سيد جنيد شاھھ ڪيو، سنڌ ميوزيم ۾ لڳايل ھن صوفي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سيد جنيد علي شاهھ چيو آهي تھ ترڪيھ جهڙي طرح رومي جي فلسفي کي دنيا ۾ روشناس ڪرايو آهي، اهڙي طرح اسان پنهنجن صوفين کي دنيا ۾ روشناس نھ ڪرائي سگهياسين، صوفين جو پيغام امن، ڀائيچارو ۽ رواداري آهي، جنهن جي اڄوڪي دور ۾ سخت ضرورت آهي، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ صوفين جو فلسفو امن ۽ رواداري آهي ۽ ان فلسفي کي دنيا ۾ اسان کي ئي اجاگر ڪرڻو آهي، سنڌ جو ثقافت کاتو هزارين سال پراڻي تاريخي ڪلچر ۽ ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪوٽ ڏيجي ۾ تاريخي 22 توپون جيڪي غائب هيون جن مان 6 اسان ڳولي انهن کي اصل هنڌ تي رکيو آهي، جيڪڏهن اسين پنهنجي ثقافتي ورثي جي پاڻ حفاظت نھ ڪنداسين تھ اتي حددخليون تھ قائم ٿينديون، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن ثقافتي ڏينھن جي موقعي تي مختلف هنڌن تي ايف آئي آر داخل ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي نوٽيس وٺڻ جو يقين ڏياريو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سيد خالد حيدر شاهھ، ڊائريڪٽر جنرل ثقافت کاتو منور علي مهيسر ۽ کاتي جي عملدارن سميت ماڻهن جو هڪ وڏو انگ موجود هو،

 لطيف جي سمورن سرن تي سائنسي بنيادن تي تحقيق  ٿيڻ گھرجي: عرفانه ملاح

حيدرآباد (رپورٽر) صوفي ميلي ۾لطيف جي پيغام ۾ سائنسي کوجنائون جي عنوان ھيٺ ٿيل ويھڪ ۾ ڊاڪٽر عرفانھ ملاح چيو تھ لطيف کي  سائنسي نظر سان ڏٺو وڃي، لطيف جي سمورن سرن تي سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪرڻ گھرجي، لطيف علم جو سمنڊ آھي، جنھن جي ڪلام تي تحقيق ڪبي ڪيتريون ئي نيون شيون اسان جي سامھون اينديون رھنديون، پروفيسر ڪي ايس ناگپال ڳالھائيندي چيو تھ لطيف سائين جي ڪلام تي سائنسي بنيادن تي کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڇو تھ دنيا ۾ نھ صرف وڏن صوفين پر فلسفين ۽ مفڪرن جي فڪر تي سائنسي بنياد تي تحقيقون ٿي رھيون آھن، ان ڪري شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي بھ سائسي بنيادن تي تحقيق انتھائي ضروري آھي، امر فياض ٻرڙي چيو تھ ڀٽائي جو ڪلام ٻولي، علم ۽ ڏاھپ کي سانڊيو بيٺو آھي، لطيف جو ڪلام سڄي دنيا کي امن سان گڏ علم جو پيغام بھ ڏئي رھيو آھي، ان ڪري اسان جي مٿان واجب آھي تھ لطيف جي پيغام کي نھ صرف پنھنجن ايندڙ نسلن تائين پھچايون، پر جديد ٽيڪنالوجي واري ھن دور ۾ سائنسي تحقيق جي بنياد تي سڄي دنيا ۾ ان کي پکيڙيون. شير مھراڻي ڳالھائيندي چيو تھ اھو لطيف جو پيغام ئي ھو، جنھن جي آڌار تي سنڌي قوم ڪيترين ئي ڏکياين ۽ تڪليفن جي باوجود پنھنجو سر مٿي کڻي سڄي دنيا کي امن جا پيغام ڏئي ٿي، لطيف بھادري جا درس بھ ڏئي ٿو تھ دنيا کي امن سان رھڻ جو پيغام بھ ڏئي ٿو، لطيف ھر مظلوم ۽ محڪوم جو شاعر آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.