پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي ٻن ضلعن ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 7 زخمي ٿي پيا. خيبر پختونخوا جي ٻن ضلعن ۾ دهشگردن جا حملا، ٻن جوانن سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جوابي ڪارروائي ۾ آپگهاتي بمبار مارجي ويو . پوليس موجب ٽانڪ جي پوليس لائنز ۾ دهشتگردن داخل ٿيندي ئي دستي بمن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر گوهر زمان سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.هڪ حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، آپگهاتي ڌماڪي سبب پوليس لائن جي ڇت تي موجود 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. خيبر ضلعي جي علائقي باڙا ۾ دهشتگردن جو ناله جوائنٽ پوسٽ تي بمن سان حملو، 2 سڪيورٽي اهلڪار شهيد، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ 23 فوجي جوان شهيد ۽ 27 دهشتگرد مارجي ويا هئا .