ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ پي ٽي سي ايل جي رٽائرڊ ملازم معظم علي جي درخواست تي ورڪس اينڊسروسزکاتي ۽ وفاقي حڪومت کي ملازم جو ڪوارٽر ڊاهڻ کان روڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 12 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار چيو ته ريڊيو پاڪستان، پي ٽي سي ايل سميت ٻين وفاقي ادارن جي ڪوارٽرن ۾ رٽائرڊ ۽ حاضرسروس ملازم رهن ٿا، سڀني 3، 3 ماڙ عمارتون ٺاهيون آهن انهن کي نٿو ڊاهيون وڃي پر منهنجي ڪوارٽر کي هڪ پاڙيسري جي شڪايت تي ڊاهي رهيا آهن، 5 پٽ آهن، هنن جون شاديون ڪرايون آهن، گهر ڊاهيو ويندو ته ڪيڏانهن وينداسين.