ڪنري (رپورٽ:وسرام چند مڪواڻا) ڪنري مان ھڪ سال اڳ اغوا بعد ھفتو پھرين جھرڪ وٽان بازياب ٿيل نينگري مينا جوڳي ۽ اغوا ڪندڙ جوابدار ڪرشن ڪولهي کي گرفتاري بعد ڪنري ٿاڻي تي آندو ويو نينگري پاران جوابدار ڪرشن ڪولهي تي اغوا ڪري پنائڻ، تشدد ۽ نشو پياري مبينا زيادتي جا الزام هنيا ويا، نينگري مينا الزام ھنيو ته جوابدار ڪرشن ڪولهي کيس منھن تي ڪپڙو ڏئي رڪشا ۾ زوري اغوا ڪري کڻي ويو، کيس جھرڪ ۾ رکي پنائيندو هو ۽ نشو پياري گارگند ۽ تشدد ڪري نازيبا حرڪتون ڪندو هو، ڪنري پوليس جوابدار ڪرشن ڪولهي کي نينگري جي اغوا ڪيس ۾ نامزد ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جوابدار ٻڌايو ته مينا کي ڪنري مان کڻي ويس، جھرڪ ۾ رکي گداگيري ڪرائي ھو مونسان گڏ پنندي هئي، پنھنجي ڪيل عمل تي پڇتاءُ آھي، نينگري جي والد نيٻو ۽ سندس والده ٻڌايو ته ڌيءَ کي ڪرشن ڪولهي کڻي ويو، ھڪ سال بعد نينگري ملي آھي، جوابدار ظلم ڪيو آھي.