حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ 9 سال اڳ اڳوڻي سيشن جج جي نوجوان پٽ کي گاڏي مان لاھي گوليون ھڻي قتل ڪندڙ اشتھاري جوابدار کي دبئي مان گرفتار ڪيو ويو آھي، جي او آر ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيل نوجوان جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار کي دبئي کان حيدرآباد آندو ويو آھي. ايس ايڇ او جي او آر اعجاز لاکو موجب جوابدار برڪت لاشاري کي انٽرپول جي مدد سان گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪرڻ بعد ڪراچي ۾ قائم دهشتگردي جي انت واري عدالت نمبر 2 ۾ پيش ڪري 18 ڊسمبر تائين جسماني رمانڊ حاصل ڪيو. ايس ايڇ او موجب 19 فيبروري 2014ع تي ان وقت جي سيشن جج جيڪب آباد خالد حسين شاهاڻي جي نوجوان پٽ عاقب شاهاڻي کي نياز اسٽيڊيم ڀرسان جوابدارن گاڏي مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. نوجوان عاقب شاهاڻي جي قتل جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت جي او آر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو تھ عاقب شاهاڻي پنهنجي والده، ڀينرن، ننڍي ڀاءُ ۽ سئوٽ سان گڏ گاڏي ۾ سوار هو. سندس گاڏي روڪي هٿياربندن گاڏي مان لاهي کيس بيدردي سان قتل ڪيو. 21 اپريل 2020ع تي ڄاڻايل ڪيس ۾ هڪ جوابدار سڪندر لاشاري کي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي. ٻيو جوابدار برڪت لاشاري اشتهاري ٿيڻ بعد پرڏيهھ فرار ٿي ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي تھ اشتهاري جوابدار برڪت لاشاري جي دبئي ۾ موجودگي بعد انٽرپول سان رابطو ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرايو ويو. هڪ ڏينهن اڳ اهو جوابدار کين ايئرپورٽ تان حوالي ڪيو ويو، جنهن کي ھنن ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ وٺڻ بعد حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو آهي.