ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز ڊاڪٽر روٿ پفائو سول اسپتال ڪراچي ۾ ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪ جو افتتاح ڪندي چيو ته شهر ۾ انسولين جي بحران جو سڌو سنئون تعلق وفاقي حڪومت سان آهي، اهو وفاق جو معاملو آهي. حڪومت هن سنگين مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ناهي، دوائون موجود آهن. هن چيو ته صحت جي موجوده صورتحال مان ڪير به مطمئن نٿو ٿي سگهي، ان موقعي تي ڊائو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي، ايم ايس ڊاڪٽر رٿ پفائو سول اسپتال ڪراچي ڊاڪٽر سيد خالد بخاري، ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر بدر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت سول اسپتال ڪراچي جي عمارت تي قبضي بابت ليگل ٽيم سان ڳالهايو آهي، اها ملڪيت سول اسپتال جي ملڪيت آهي.