نگران وڏي وزير پاران سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جو بنيادي ڪم معاشري ۾ کاڌي پيتي جي  شين جي حفاظت ۽ معيار کي برقرار رکڻ آهي پر فوڊ اٿارٽي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي هدايت ڪئي ته هو ٻن هفتن اندر جامع انسپيڪشن ۽ آپريشنل پلان تيار ڪري وزيراعليٰ هائوس سيڪريٽريٽ کي اماڻي ۽ پنهنجي کاتي جي باقاعدي ڪارڪردگي رپورٽ پڻ موڪليندو رهي. وڏي وزير چيو ته سرڪاري اسپتالن، خانگي اسپتالن، ميڊيڪل ڪاليجن ۽ ايستائين جو آئس فيڪٽرين، مٺائين جي دڪانن، بيڪرين ۽ کير وڪڻندڙ دڪانن ۽ ۽ ذبح خانن ۾ کاڌي جي حفاظت، معيار ۽ صفائي جو خاص خيال ناهي رکيو ويو.  هن وڌيڪ چيو ته اهو فوڊ اٿارٽي جو ڪم آهي ته هو معائنو ڪري حفاظت ۽ معياري عمل کي يقيني بڻائي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.