ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ محمد سليم خان ڊائريڪٽر جنرل (پبلڪ رليشنز) مقرر ٿي ويو. جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته کيس گذريل مهيني 20 گريڊ ۾ باقاعده ترقي ڏني وئي هئي. محمد سليم خان کي پبلڪ رليشنز ۽ ميڊيا مئنيجمينٽ ۾ 34 سالن کان مٿي جو تجربو آهي. هن وقت هو سنڌ جي گورنر سان پريس سيڪريٽري طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. محمد سليم خان ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير جو پبلڪ رليشن آفيسر، گورنر سنڌ جو پبلڪ رليشن آفيسر، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس ۽ ڪيترن ئي وزيرن سان پبلڪ رليشن آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. ٻئي پاسي اطلاعات کاتي ۾ عزيز احمد هڪڙو کي هٽائي سندس جاءِ تي امتياز علي جويو کي ڊائريڪٽر اشتهار مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.