ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ڀاڻ جي بدترين کوٽ تي سمورن ڪمشنرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، سنڌ جي ڪمشنرن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي سوال ڪيو ته ڇا حڪومت ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڪوٽا مقرر ڪري ٿي؟ آبادگارن جي وڪيل علي احمد پلهه چيو ته حڪومت ڀاڻ جي پيداوار تي خانگي ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي ٿي، هن وقت سموري سنڌ ۾ ڀاڻ جي فراهمي نه هجڻ برابر آهي، هن چيو ته انسپيڪٽر ڀاڻ جي قلت پيدا ڪري رهيا آهن، عدالت ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .