حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪڻڻ سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ جي سازش آهي، يوريا ڀاڻ جو بليڪ ۾ وڪرو ڪرڻ سنڌ جي آبادگارن، هارين جو معاشي قتل جي برابر آهي، ڀان بليڪ تي وڪرو ڪندڙ مافيا سخت خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، فصلن سٺا ٿين ٿا ته اگھه ڪيرايا وڃن ٿا، پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي ڪري آباد زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن، نقلي زرعي دوائن، نقلي ٻج ۽ ڀاڻ ۽ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو، سنڌ جي معاشي بدحالي جي ڪري بيروزگاري وڌي آھي، زراعت جي بحالي سان سنڌ خوشحال ٿيندي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي زرعي معيشت جي بحالي لاءِ ھٿرادو ڀاڻ ۽ پاڻي جو کوٽ ختم ڪئي وڃي.