صوبي ۾ ڀاڻ جي منصفاڻي ورڇ جا خدشا ڏينهون ڏينهن ڇو وڌي رهيا آهن؟وڏي وزير جو ڪمشنرن کان سوال

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سمورن صوبائي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام ۾ ڀاڻ جي شفاف ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف جلد ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ڪمشنرن کان سوال ڪيو ته  ٻڌايو وڃي ته صوبي ۾ ڀاڻ جي منصفاڻي ورڇ جا خدشا ڏينهون ڏينهن ڇو وڌي رهيا آهن؟ بهرحال ڪنهن به صورت ۾ حڪومت جي منظور ڪيل اگهن کان وڌيڪ ڀاڻ جي ذخيرا اندوزي خلاف ڪارروائي ڪري ڀاڻ جي ورڇ جي موثر نگراني ۽ ضابطي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن ۽ سڄي صوبي ۾ ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ کي روڪيو وڃي. پنهنجي خط ۾ وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيرا اندوزي يا بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملوث ڊيلرن ۽ دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ فرٽيلائزر ڊيلرن/دڪانن تي موجود ڀاڻ جي اسٽاڪ جا تفصيل مرتب ڪيا وڃن. وڏي وزير سمورن ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن ۾ هارين جي سهولت لاءِ ”هاري مددگار سينٽرز“ سيل قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته سينٽرن ۾ هارين جي مسئلن لاءِ فوڪل پرسنز (ADC-I/II) مقرر ڪيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته هارين جي سهولت لاءِ زراعت کاتي سان واسطو رکندڙ فوڪل پرسنز (مختيارڪارن) سمورن تعلقن ۾ قائم ڪيا وڃن ۽ ڀاڻ جي دستيابي ۽ سرڪاري اگهه جو ضلعي ۽ تعلقي سطح تي باقاعدگي سان اعلان ڪيو وڃي. خط ۾ وڏي وزير اها به هدايت ڪئي ته هو هارين کي آگاهي فراهم ڪن ته اهي خلاف ورزي ڪندڙ دڪانن يا ڊيلرز خلاف شڪايتون داخل ڪرائين. وڏي وزير سمورن ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي روزاني بنياد تي رپورٽون موڪلين جڏهن ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم ڏنو ته اهي ڀاڻ جي کوٽ بابت پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ جلد وزيراعليٰ هائوس سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪلين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.