ڪراچي ۾ ڪتابي ميلو جاري، نظر کان محروم ماڻهن لاءِ ٽيبل ڪئلينڊر متعارف

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اکين جي نظر کان محروم ماڻهن لاءِ ٽيبل ڪئلينڊر متعارف ڪرايو ويو. پنج ڏينهن واري ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر جي ٻئي ڏينهن ڪتاب جي شوقينن ۽ شاگردن وڏي  انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪتاب ميلي ۾ ريڊ ڪريسنٽ پاران لڳايل اسٽال تي شاگردن کي فرسٽ ايڊ بابت آگاهي ۽ معلومات فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته نظر کان محروم ماڻهن لاءِ لڳايل اسٽال تي ٽيبل ڪئلينڊر لڳايو ويو.عالمي ڪتابي ميلي ۾ شاگردن لاءِ گڏيل نصابي ۽ عملي سرگرمين جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي، سرگرمين ۾ اسڪول ۽ مدرسي جي شاگردن جي ذهني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته  والدين لاءِ جديد چيلنجز جي نالي سان هڪ سيمينار ٿيو. سيمينار ۾ اڳوڻي سينيٽر ۽ تعليمي ماهر خوشبخت شجاعت به شرڪت ڪئي ۽ عملي ۽ گڏيل نصابي سرگرمين جي ساراهه ڪئي.

سردار مهتاب احمد خان پاران آزاد چونڊ وڙهڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) خيبر پختونخواه جي اڳوڻي گورنر سردار مهتاب احمد خان جو آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جمعي ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪي پي ڪي جي تڪ اين اي 16 تان چونڊ ۾ حصو وٺندو.

منظور ڪاڪا جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  نسله ٽاورڪيس ۾ نامزد منظور قادرڪاڪا جي نالي کي اي سي ايل مان خارج  ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو، عدالتجوابدار جي وڪيل کي لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواستگذار موقف ۾ چيو ته اينٽي ڪريشن ۾ ڪيس کانپوءِ منظور ڪاڪا جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو منظور ڪاڪا جي ضمانت سنڌ هاءِ ڪورٽ منظور ڪئي، وفاقي سرڪار ۽  ٻين کي هدايت جاري ڪئي وڃي ته ان جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو وڃي

بولان ميل 25 ڊسمبر کان بحال ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(م ڊ) ريلوي انتظاميه عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ڪراچي سٽي ذريعي ڪوٽڙي، دادو، ڪوئيٽا وچ ۾ هلندڙ بولان ميل 25 ڊسمبر کان بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان مطابق اپ ٿري بولان ميل ڪراچي سٽي کان رات 7 وڳي رواني ٿيندي لانڍي، ڪوٽڙي، دادو، لاڙڪاڻو، ڊيرا مراد جمالي، سبي ۽ آبِ گم کان ٿيندي ٻئي ڏينهن شام 5 لڳي 50 منٽن تي ڪوئيٽه پهچندي. اهڙيءَ طرح ڊي اين فور بولان ميل ڪوئيٽه کان صبح 10 وڳي روانو ٿي انهيءَ ئي رستي کان ٿيندي ٻئي ڏينهن صبح 8 لڳي 10 منٽن تي ڪراچي سٽي پهچندي.

اسرائيلي بمباري، 180 فلسطيني شهيد، انگ 18 هزار 9 سئو ٿي ويو

غزا ( م ڊ )  اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري ۾ وڌيڪ 180 فلسطيني شهيد ٿي ويا. 7 آڪٽوبر کان جاري نسل ڪشي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 18 هزار 900 ٿي ويو آهي جڏهن ته زخمي فلسطينين  جو انگ 55 هزار کان وڌي ويو آهي. خابرو ادارن موجب شهيدن ۾ 55 فلسطيني فٽبالر سميت 85 ايٿليٽس شامل آهن. فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي جوابي حملن ۾ ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ ۽ فوجي گاڏيون تباهه ٿي ويون. حماس جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي فلسطينين لاءِ يڪجهتي مارچ ۽ مظاهرن جو سڏ ڏنو آهي. ٻئي پاسي آمريڪا اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته غزا ۾ آپريشن محدود ڪري ۽ اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته هو فلسطيني شهرين جي هر ممڪن تحفظ کي يقيني بڻائي.ٻئي پاسي صحافين جي عالمي تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جو چوڻ آهي ته موجوده اسرائيل-فلسطين تڪرار ۾ 63 صحافي مارجي ويا آهن. سي پي جي جي بيان موجب اسرائيلي حملن ۾ 56 فلسطيني رپورٽر مارجي ويا آهن، جڏهن ته 4 اسرائيلي ۽ 3 لبناني صحافي پڻ مارجي ويا آهن. سي پي جي چيو ته اسرائيل فلسطين تڪرار ۾ 3 صحافي گم آهن ۽ 19 کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.