پي ٽي آءِ ترجمان شعيب شاهين کي ڪوئيٽا ايئرپورٽ تان واپس موٽايو ويو

ڪوئيٽا ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان شعيب شاهين کي پوليس ڪوئيٽا ايئرپورٽ کان ٻاهر نه اچڻ ڏنو. تحريڪ  نصاف جي مقامي اڳواڻ آصف ترين جو چوڻ آهي ته شعيب شاهين جڏهن اسلام آباد کان ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهتو ته بلوچستان پوليس کيس ايئرپورٽ کان ٻاهر نه نڪرڻ ڏنو ۽ اتان لاهور روانو ڪيو. هن چيو ته پوليس شعيب شاهين کي ٻه آپشن ڏنا، جن مان هڪ هو واپس وڃڻ ۽ جيڪڏهن نه ويو ته کيس 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويندو. سيد اقبال شاهه ايڊووڪيٽ چيو ته شعيب شاهين پارٽي ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ بلوچستان آيو هو. هن چيو ته شعيب شاهين کي پشين، هرنائي ۽ زوب ۾ ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.