اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تنقيد جي نشاني تي آهي، شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي ڪيس جي لائيو ٻڌڻي دوران هو وائکو ٿيندو رهيو، سينئر صحافي اعزاز سيد چيو ته ان ڪيس ۾ قاضي فائز حامد خان ۽ شوڪت عزيز صديقي تي مسلسل چڙهائي ڪري چئي رهيو هو ته توهان نالو کڻو ته ان جو فائدو ڪنهن کي ٿي رهيو هو؟ ان مان ظاهر آهي ته هو(چيف جسٽس)چاهي رهيو هو ته هو عمران خان جو نالو کڻن، وڪيل حامد خان چيو ته ان جو فائدو ته جيپ وارن(فوج) کي ٿي رهيو هو ته چيف جسٽس کين ٽوڪي چيو ته نه نه، جنرل(ر) باجوا کي گهرائڻ جي معاملي تي به چيف جسٽس راضي نه ٿيو، هن چيو ته اڄ جا ماڻهو گهڻو سمجهدار ٿي ويا آهن، انهن کي خبر پئجي وڃي ٿي ته ڪير ڪنهن جي ونگار وهي رهيو آهي، چيف جسٽس اهم عهدي تي ويٺل آهي، هن هڪ موقعي تي شوڪت عزيز صديقي کي چيو ته توهان ته پينشن وٺڻ لاءِ اهو ڪري رهيا آهيو، حالانڪه شوڪت عزيز صديقي پينشن وٺڻ لاءِ نه پيو ڪري هو پنهنجي عزت بحال ڪرائڻ چاهي ٿو هن پنڊي بار ۾ خطاب دوران ان وقت تي جنرل فيض حميد ۽ فوج جو نالو ورتو جڏهن ڪير به نالو وٺڻ لاءِ تيار نه هو، شوڪت عزيز تڏهن چيو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي بئنچ آءِ ايس آءِ ۽ فوج جي حڪم تي جوڙيون وينديون آهن، ان ڳالهه کانپوءِ جسٽس ثاقب نثار ۽ آصف سعيد کوسي کيس عدليه مان ڪڍي ڇڏيو هو، شوڪت عزيز تڏهن کان انصاف لاءِ ڌڪا کائي رهيو آهي، منهنجي خيال ۾ جسٽس قاضي فائز جا هن جي باري ۾ رمارڪس سندس پنهنجي عهدي لاءِ عزت جو سبب آهن،ايندڙ ڏينهن ۾ هن تي تنقيد ٿيندي ،هن پنهنجي پاڻ کي غيرضروري تڪرار ۾ منجهايو آهي، هن کي قانون ۽ آئين مطابق هلڻ گهرجي، هن چيو ته اهو به تاثر آهي ته اڳوڻا جج تڏهوڪي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هئا موجوده عدليه تي به هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هئڻ تي آڱريون کڄي رهيون آهن،ماڻهن کي انصاف کپي سينئر صحافي عمرچيما چيو ته قاضي فائز عيسيٰ تي ايترو مشڪل وقت نه آيو آهي، جيڪو ڪم شوڪت عزيز ڪيو اهو ته خودڪش حملو آهي، ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ آڏو هن انڪار ڪيو هو، شوڪت عزيز عوام ۾ وڃي ٻڌايو هو ته هي مون کان ڪهڙو ڪم وٺڻ چاهين پيا، شوڪت عزيز صديقي هيرو آهي، هن جي عزت ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي ته پنهنجي ڪمن تي شرم ڪرڻ گهرجي، چيف جسٽس کي ته پنهنجي زبان هلائڻ کان وڌيڪ خاموشي سان سڌارا آڻڻ گهرجن، باقي اهو ته اڄڪلهه اينٽي اسٽيبلشمينٽ ٻه طرح جا آهن، هڪ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ جا مخالف آهن ٻيا موجوده اسٽيبلشمينٽ جي خلاف آهن ، پراڻا ڪيس اڃا به عدالت ۾ هلي رهيا آهن، توهان اسٽيبلشمينٽ جي جهيڙي بدران پنهنجي ڪيسن تي ڌيان ڏيو،هر اداري ۾ سياست گهر ڪري وئي آهي،
عدالت فيض حميد جي جواب تي جنرل ( ر ) باجوا کي طلب ڪري سگهي ٿي
اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) سپريم ڪورٽ جسٽس شوڪت صديقي برطرفي ڪيس ۾ پهرئين مرحلي ۾ جنرل ( ر ) باوجوا کي نوٽيس جاري نه ڪيا آهن، پر مستقبل ۾ نظر اچي رهيو آهي ته جنرل ( ر ) باجوا کي به عدالت ۾ اچڻو پوندو، نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ جنرل ( ر ) فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن جنرل ( ر ) فيض الزامن جي ترديد ڪندو ته ان کي ثابت به ڪرڻو پوندو، ٻئي صورت ۾ امڪان آهي ته جنرل فيض حميد پنهنجي جواب ۾ سموري ذميواري جنرل ( ر ) باجوا تي مڙهي ڇڏي۽ چوي ته هو اداري يا پنهنجي سربراهه جي هدايتن تي عمل ڪري رهيو هو، جيڪڏهن فيض حميد اهڙو جواب ڏنو ته عدالت جنرل ( ر ) باجوا کي به طلب ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي، اهو به ممڪن آهي ته جنرل ( ر ) باجوا جي جواب کانپوءِ هائبرڊ رجيم جا پيرا اڃا به پٺتي وڃن ۽ پينڊورا باڪس کلي وڃي، ان ڪري جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفيءَ جو ڪيس تاريخي اهميت حاصل ڪري ويو آهي.
فيض حميد ڪنهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو، سوال
اسلام آباد ( عوام آواز نيوز ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس شوڪت صديقي جو وڪيل حامد خان سوالن باوجود عمران خان جو نالو کڻڻ کان لنوائي ويو، نامياري صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته جڏهن چيف جسٽس سوال ڪيو ته جنرل ( ر ) فيض حميد ڪنهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ جسٽس شوڪت عزيز تي دٻاءُ وجهي رهيو هو، چيف جسٽس وڪيل حامد خان کان عمران خان جو نالو ٻڌڻ پئي چاهيو پر وڪيل حامد خان نالو کڻڻ بدران چيو ته فائدو اسٽبلشمينٽ کي ٿي رهيو هو، اهڙي طرح ڪيترائي سوال ڪيا ويا، پر حامد خان هر سوال تي عمران خان جو نالو کڻڻ کان لنوائي ويو، ياد رهي ته وڪيل حامد خان پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻن مان هڪ آهي، جڏهن حامد خان ڪافي گهيري باوجود عمران خان جو نالو نه کنيو ته چيف جسٽس جنرل ( ر ) باجوا کي به نوٽيس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪارروائي مان محسوس ٿيو ته عمران خان جو نالو ورتو وڃي ها ته پوءِ شايد جنرل ( ر ) باجوا ۽ عمران خان کي به نوٽيس جاري ڪيا وڃن ها.