سنڌ جي زمين ادارن کي ڏيڻ خلاف عوامي مزاحمتي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي دانشورن، اديبن، ليکڪن، ترقي پسند ۽ قومپرست اڳواڻن، ماضيءَ ۾ پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت وارن ڏينھن ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين اسٽيبلشمينٽ جي ذريعي “اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل” کي ڏيڻ واري فيصلي کي مڪمل طور تي رد ڪندي ملڪگير سطح تي پرامن عوامي مزاحمتي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو آھي.  اھڙو اظھار ھنن ڪالھھ عوامي تحريڪ پاران “سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو” جي عنوان ھيٺ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو تھ ملڪ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضو نھ پر ڌاڙو ھنيو ويو آھي، ھن ھائبرڊ حڪومت کي نٿا مڃون، جتي بھ زمين تي والار ٿيندي اتي پھچنداسين. ھن چيو تھ سنڌ کي متحد ۽ منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي، زمينن تي قبضو ڪنهن بھ صورت ۾ قبول ناهي، سنڌ جي سردارڪي ۽ وڏيرڪي طبقي سنڌ کي تباهھ ڪيو آھي اسٽيبلشمينٽ پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ انھن سردارن ۽ وڏيرن کي اقتدار ڏيندي آھي. هن چيو تھ سڪرنڊ ۾ مقامي ماڻهن کي جبري طور لڏايو پيو وڃي، جنهن خلاف متاثر ماڻهو پنهنجي وس آهر احتجاج بھ ڪري رهيا آهن، مقامي ماڻهن کي جبري لڏائي بحرياٽائون جهڙيون قبضاگير ڪالونيون ٺاهڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي،هيومين رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو وڃي نالو بچيو آهي، باقي هن ڪميشن جو عملي ڪم بند ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي پٽي تي قبضو ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت اقتدار خاطر سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪرو ڪري ڇڏيا آھن ۽ لکين افغانين ۽ ٻين پرڏيھين کي نيڪالي ڏيڻ بدران انھن جي سھولتڪار بڻيل آھي، نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو تھ ملڪ ۾ عملي طور تي آئين معطل آھي، جمھوريت جو ڪو وجود ناھي رھيو، پاڪستان جون زمينون ٻاھرين ڪمپنين کي ڏئي ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ ۽ وسيلن تي قبضي جي خطرناڪ منصوبابندي ڪئي وئي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ زمين رياست جي ھٿن مان نڪري ملٽي نيشنل ڪمپنين جي حوالي ٿي ويندي، ھن منصوبي جي نتيجي ۾ نھ رڳو ماڻھو زمين پر وڏي پئماني تي گھرن کان بيدخل ٿيندا. ھن چيو تھ اسين سنڌ جا ماڻھو خوف جو شڪار ٿيڻ کان انڪار ڪيون ٿا ۽ سنڌ ۾ گڏيل عوامي مزاحمت جي ذريعي ھر ان ھنڌ وينداسين جتي زمين جي والار ٿيڻي آھي. ھن چيو تھ اليڪشن مٿان آھي سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي جي لاءِ ڌرتي ٽامون ڪري سگھن ٿا، نھ رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ جي ترقي پسندن، دانشورن ۽ متاثر ماڻھن وٽ وڃبو ۽ اسين گڏيل عوامي مزاحمت بڻجي ملڪگير تحريڪ ھلائينداسين. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو تھ اسٽيبلشمينٽ سنڌ تي قبضي جي لاءِ زمين جي والار ڪرڻ گھري ٿي، اسان کي ڌر ٿي سامھون اچڻ گھرجي. ھن چيو تھ آئين جي آرٽيڪل 142، 3 تحت زمين جي حوالي سان وفاق ڪا بھ قانونسازي نٿو ڪري سگھي، ان ڪري سنڌ جي زمين تي والار غير آئيني آھي. دي انٽيليڪچوئل فورم جي چيئرمين ۽ 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي ھيرو مسعود نوراني “نعري سنڌ، جيئي سنڌ” جا نعرا ھڻي خطاب ۾ چيو تھ جاگيردارن سدائين سنڌ خلاف فيصلا ڪيا آھن ۽ ڌرتي ڌڻين کي دشمنن آڏو اڇلايو آھي. ھن چيو تھ جاگيرداري جو زور ٽٽندو تھ شيون سڌيون ٿينديون، اسان کي سنڌ ۾ ٻيھر زرعي سڌارن جو مطالبو ڪرڻ گھرجي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھي چيو تھ رياست جي بيھڪ بيٺڪيت واري آھي، حڪومت بک جا چڪ پئي ھڻي، اسين عوامي مزاحمت ڪنداسين، ملڪگير تحريڪ ھلندي ۽ ان ڏس ۾ 28 ڊسمبر تي لاھور ۾ ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اجلاس ۾ عوامي مزاحمت واري حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين. عوامي جمھوري پارٽي جي صدر لال شاهھ چيو ته پاڪستان جي 76 سالن اڄ تائين سفارتڪاري ٻڙي رھي، معيشيت تباھھ ٿي وئي آھي، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران هاڻ گهر جا ٽپڙ کائي ملڪ هلائڻ جي ڪوشش پيا ڪن، اھي سنڌ جي ٻيٽن ۽ زمينن جي پويان لڳل آھن ۽ ڪارونجهر کي کپڻ جي ڪوشش پيا ڪن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڏاڏ قادر رانٽي چيو تھ پاڪستان ٺھڻ شرط سنڌ جي زمين تي والار ٿي، ون يونٽ مڙھي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين زوري کسي وئي ۽ ھاڻ وسيلن تي قبضا ڪري سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين زوري کسي سنڌين کي بي وطن ڪرڻ ۽ سنڌ کي فلسطين بنائڻ جي سازش ٿي رھي آھي. ھن چيو تھ سنڌ جا 75 کان 80 سيڪڙو ماڻھو بي زمين آھن، سرڪاري زمينون انھن بي زمين ھارين ۽ مزدورن ۾ ورھايون وڃن. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمرھ سمون چيو تھ اسين بندوق کان نٿا ڊڄون، جنھن بھ علائقي ۾ زمينون کسيون وينديون اسين اتي وڃي عوامي راءِ جوڙينداسين. سرائيڪستان قومي اتحاد جي اڳواڻ خواجا غلام فريد ڪوريجو چيو تھ ڪارپوريٽ فارمنگ سامراجي منصوبو آھي، چولستان ۽ ملتان جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ھاڻ سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کان زمين کسي پئي وڃي، سنڌ سھائي سٿ جي اڳواڻ ڊاڪٽر عائشھ ڌاريجو چيو تھ ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد جي ذريعي عام ماڻھن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو ۽ ھاڻ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين تي غير قانوني والار ٿي رھي آھي، سڪرنڊ جي آبادگار راجا ارشاد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري ٻڌايو تھ سڪرنڊ جي ھڪ ھزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ ڏني وئي آھي ۽ ھاڻ روينيو کاتي وارا سروي ٿيل زمين خالي ڪرڻ جي لاءِ نوٽيس ڏئي رھيا آھن. ھن چيو تھ رڳو سڪرنڊ ۾ وطن جي وارثن کان زمين نھ ويندي پر 15 کان 16 ڳوٺن جا ماڻھو بي گھر ٿيندا، اسين سياسي پارٽين کي مدد جي اپيل ڪيون ٿا. نامياري صحافي اقبال ملاح چيو تھ ھن وقت ملڪ ۾ خطرناڪ سياسي ۽ معاشي بحران ھلي رھيو آھي، پاڪستان ۾ زمين تي والار واري فيصلي سان ماڻھو زمين ۽ گھرن کان بيدخل ٿيندا ۽ نئون بحران جنم وٺندو، سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو تھ سنڌ سميت ٻين صوبن جي لکين ايڪڙ زمين سيڙپڪاري جي نالي ۾ ڏيڻ واري فيصلي جي مذمت ٿي رھي آھي، خوراڪ جي کوٽ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون وٺڻ جي بدران اھي زمينون ھارين ۾ ورھايون وڃن ۽ سنڌ جون ڍنڍون بحال ڪيون وڃن تھ خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي سگھي ٿو. صحافي نعمت کھڙي چيو تھ بحريا ٽائون لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبابندي ڪئي، ملڪ جنگ واري حالت ۾ آھي، زمين ۽ وسيلن تي قبضي ڪرڻ سان پاڪستان جي سالميت خطري ۾ پئجي سگھجي ٿي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ڏھر، دستگير ڀٽي، ايڊووڪيٽ نويد جروار، منير چانڊيو، سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ بدر چنا، سماج سڌارڪ اڳواڻ نور محمد بجير، شفيع مرگھر، علي محمد پرويز ميمڻ، فھيم نوناري، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر علي نواز ڏاھري، ايڊووڪيٽ جي ايم جروار، اسماعيل خاصخيلي، ناليواري اديب يوسف سنڌي، حفيظ قريشي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، نور نبي پليجو، ڄام تماچي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، عوامي علمي ادبي فورم جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ادريس لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.