اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ملتوي ۽ سبوتاز ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، چونڊ ملتوي ٿي ته اها ذميوار هوندي. خميس ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته چونڊن خلاف پي ٽي آءِ جون درخواستون چونڊن کان ڀڄڻ جي منصوبابندي آهي، سائفر وانگر پي ٽي آءِ 8 فيبروري جي عام چونڊن خلاف سازش ڪري رهي آهي، 2018ع جي چونڊن ۾ به بيورو ڪريسي ئي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن جي زميواري نڀائي هئي.
-
آصف زرداري ملڪ جو صدر ۽ بلال ڀٽو وزير اعظم ٿيندو: فيصل ڪريم
اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جو وزيراعظم اميدوار آهي، آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر هوندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڻ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي سڏائڻ واري پارٽي چونڊن کان ڇو ڀڄي رهي آهي؟ جيڪڏهن پارٽي ايتري وڏي آهي ته پوءِ اليڪشن ۾ 2 مهينا دير جي ڳالهه ڇو؟ هن چيو ته توهان لاهور ۾ نواز شريف جي جلسي ۽ پ پ چيئرمين جي ملاقات جو مقابلو ڪريو، توهان پاڻ گجرات ۾ مريم نواز جي جلسي ۽ گوجرانوالا ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن جو مقابلو ڪريو، توهان کي خبر پئجي ويندي ته عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ مڪمل تياري ڪئي آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي وارو ڪيس تازو ئي ٻڌو ويو، اسان سمجهون ٿا ته شهيد ڀٽو کي انصاف ملڻ گهرجي، سندس قتل ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي، چاهي اهي بيوروڪريٽ هجن يا جج هجن يا وڪيل، انهن کي سزا ملڻ گهرجي.
-
آصف زرداري جي افغان ووٽرن بابت شڪايت لاڳاپيل ادارا ڏسن: گورنر ڪي پي
پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي چيو آهي ته افغان ووٽرن بابت آصف زرداري جي شڪايت تي اليڪشن ڪميشن ۽ لاڳاپيل ادارن کي جاچ ڪرڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر غلام علي چيو ته لڪي مروت، ڊي آءِ خان، ڪرم، بنون ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، اترين علائقن ۾ برفباري ٿي رهي آهي. گورنر غلام علي جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي مشاورت ڪرڻ گهرجي، ايئن نه ٿئي جو بعد ۾ مسئلا پيدا نه ٿين. هن چيو ته سڄو ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي، ملڪي ترقي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا، چونڊون جمهوريت لاءِ تمام ضروري آهن.