حيدرآباد: عوامي تحريڪ پاران ڪوٺايل ڪانفرنس جو پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو تھ زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وفاق جي حوالي ڪرڻ سنڌ جي قومي وجود مٿان وار آھي. سنڌ سميت پاڪستان جي مظلوم قومن جي زمينن تي قبضن جو ناجائز، غير قانوني ۽ غير اخلاقي سلسلو شروع ڪيو آھي، ھي دنيا جو واحد زرعي انقلاب آھي جنھن ۾ مقامي ھاري ۽ آبادگار شامل ناھي. زرعي فارمنگ لاءِ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين مان ٽنڊو محمد خان ۾ 2190 ايڪڙ، دادو ضلعي جي ڪاڇي ۽ ٻين علائقن جي 67 ھزار 651 ايڪڙ، جوھي جي 44651، ڪي اين شاھھ جي 23 ھزار، ٺٽي ضلعي جي 123 ايڪڙ، سجاول ۾ 13700 ايڪڙ، جاتي ۾ 6900، شاھھ بندر ۾ 6800، تعلقي بدين جي 528 ايڪڙ، گولاڙچي جي 2941، ماتلي جي 299، ٽنڊوباگو جي 224، تلھار جي 67 ايڪڙ زمين، ٿرپارڪر جي 10 ھزار ايڪڙ، انھن ئي منصوبن لاءِ حيدرآباد ڊويزن جي 73665 ايڪڙ، بينظيرآباد، سانگھڙ، خيرپور ۽ اڇڙو ٿر ۽ سکر سميت ٻين علائقن جي 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين شامل ڪئي وئي آھي، ان منصوبي تحت شروعاتي طرح سنڌ جي 52 ھزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان به ھزارين ايڪڙ زمين ملڪ جي سگھاري اداري سان جڙيل گرين پاڪستان انيشيٽو پرائيوٽ لميٽڊ ۽ ٻين ڪمپنين جي حوالي ڪرڻ وارو حڪمرانن جو ھي فيصلو غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير جمھوري آھي. وڌيڪ زمين وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي زمين جا تفصيل ھنگامي طور ڏيڻ جا حڪمناما جاري ڪيا ويا آھن، سنڌ سان ٿيندڙ ان قھر کان علاوہ سنڌ جي پاڻيءَ تي مختلف ڊيمن ۽ ڪئنالن ذريعي قبضا ڪري سنڌ کي پاڻيءَ کان محروم ڪيو ويو آھي.