اسرائيل بابت قائداعظم جي راءِ سان اختلاف ڪفر ناهي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسرائيل جي معاملي تي قائداعظم جي راءِ سان اختلاف ڪرڻ ڪفر نه ٿيندو.  هڪ انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻه رياستي حل ئي فلسطين مسئلي جو واحد حل آهي، اسرائيل جي مسئلي تي قائداعظم جي ڏنل راءِ سان اختلاف ڪرڻ ڪفر نه ٿيندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان يا مون فلسطين لاءِ ٻه رياستي حل تجويز نه ڪيو، دنيا فلسطين لاءِ ٻه رياستي حل ڏئي رهي آهي، اهو تاثر درست ناهي ته اسان فلسطين لاءِ ٻه رياستي حل تجويز ڪيو. ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير مڃيل تڪراري علائقو آهي، ڪٺ پتلي عدالتي فيصلن سان حقيقتون تبديل نٿيون ڪري سگهجن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون، ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته ايوان ۾ گهرائڻ تي ٿورائتو آهيان، پهريون نگران وزيراعظم آهيان جنهن کي آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ خطاب جي دعوت ڏني وئي. هن چيو ته ڪشمير لاءِ  300 ڀيرا جنگ ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون. انواالحق ڪاڪڙ خطاب ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي. ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن ۾ گذريل 7 ڏهاڪن کان اڃان تائين حل طلب آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.