جسٽس مظاهر نقوي بابت ڪيس جي کليل ٻڌڻي جي اجازت

اسلام آباد(م ڊ) سپريم جڊيشل ڪائونسل  جسٽس  مظاهر نقوي بابت ڪيس جي کليل ٻڌڻي جي اجازت ڏئي ڇڏي. جسٽس مظاهر نقوي طرفان پنهنجي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي اوپن هلائڻ جو مطالبو ڪيو.  سپريم  جڊيشل ڪائونسل ڏانهن اماڻيل پنهنجي خط ۾ جسٽس مظاهر نقوي چيو آهي ته اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل جي کليل ٻڌڻي جو حق تسليم ڪيو آهي . هن چيو ته منهنجي خلاف به جڊيشل ڪائونسل جي اوپن ٻڌڻي هلائي وڃي، پاڪستان جو آئين مون کي کليل ٻڌڻيءَ جو حق ڏئي ٿو، مون جڊيشل ڪائونسل جي جوڙجڪ تي اعتراض واريا آهن. جسٽس مظاهر نقوي جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪائونسل جي ان ڪيمرا اجلاس سبب منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، جڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس مظاهر نقوي جي اعتراضن تي سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.