ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ معاملو، ڌرين کان جواب طلب، شاگردن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايم ڊي ڪيٽ جي پيپر ليڪ ٿيڻ جي خلاف شاگردن جي درخواست تي ايف آءِ اي ۽ ڊائو يونيورسٽي جي انتظاميا کان 21ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، سڄي سنڌ مان آيل شاگردن سنڌ هاءِڪورٽ ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، درخواستگذارن پنهنجي موقف ۾ چيو ته پيپر ليڪ  ٿيڻ جي معاملي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي، هنن چيو ته آءِ بي اي کان ٽيسٽ ٻيهر ڪرائي وڃي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل الطاف احمد شيخ چيو ته ڪيس ٻڌڻي دوران ڊائو ميڊيڪل يونيوسٽي کانسواءِ اٽارني جنرل به عدالت کان وقت طلب ڪيو آهي، اسان عدالت کي ٻڌايو آهي ته پيپرليڪ ڪري وڪرو ڪيو ويو آهي، جڏهن شاگردن جو چوڻ آهي ته پهرين به پيپرليڪ ڪيو ويو وري ٻيهر ڪرايو ويو، پيپر آءِ بي اي کان ڪرايو وڃي، اسان سان ناانصافي ٿي آهي، بااثر ماڻهن جي ٻارن کي اڳتي آندو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.