آر اوز جي نوٽيفڪيشن سبب چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو آهي: علي گوهر

اسلام آباد ( م ڊ )  تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته آر اوز بابت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن سبب اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو خدشو آهي. پارٽي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن موجب چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻيون آهن. بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ئي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو بهانو استعمال ڪيو. اسان سپريم ڪورٽ وياسون ۽ 8 فيبروري تي اليڪشن جو فيصلو ٿيو. اليڪشن شيڊول اچڻو هو پر اهو جاري نه ڪيو ويو. هن چيو ته ضلعي آفيسرن کي آر او نه ٿو بڻائي سگهجي، ان سان فراڊ ٿي سگهي ٿو. ججن کي ريٽرننگ آفيسر بڻايو وڃي ته جيئن چونڊون شفاف ٿين. بئريسٽر گوهر علي وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ اهڙن ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي جن جو ماضي شفاف هجي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هو جلد سائيفر ڪيس ۾ ان ڪئميرا ٽرائل کي چئلينج ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.