اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان سائفر ڪيس ۾ پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ جي لاءِ برطانيه جي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان چيو ته ميڊيا جو جيل ۾ هجڻ ضروري هو پر ميڊيا کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي به ذوالفقار علي ڀٽو جي رستي تي آندو پيو وڃي. عمران خان جي ڪيس کي جنهن تيزي سان اڳيان ڪيو پيو وڃي اهڙي ٻڌڻي کان وڏو مذاق ٻيو نٿو ٿي سگهي. عليمه خان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جا پٽ سليمان، قاسم ۽ سندس ٻيا گهر ڀاتي برطانيه ۾ ڪيس داخل ڪندا. اسان کي ڏک آهي ته اسان هاڻ عالمي عدالتن ۾ وڃي رهيا آهيون. ڪجهه به ٿي پوي اسان پي ٽي آءِ باني کي ڦاهي جي ڦندي کان بچائينداسين ڇو ته موت جي سزا عمران خان کي نه پر عوام کي ملي رهي آهي.هن چيو ته اسان ڊونلڊ لوڊ جي خلاف به ڪيس آمريڪا ۾ داخل ڪنداسين.
ڪتاب ميلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ شريڪ
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري 18-هين ڪراچي بين الاقوامي ڪتاب ميلي جي پهرين ڏينهن صبح کان ئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ۽ شهري وڏي انگ ۾ پهچي ويا. شاگردن ۽ شاگردياڻين نصابي ۽ درسي ڪتابن کانسواءِ تاريخي ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. پبلشرز پاران ڪتاب ميلي تي 30 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو تائين رعايت ڏني پئي وڃي.
-
عمران خان پاران توشا خانه ۾ نا اهلي خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر
لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي توشه خانه ۾ نا اهلي خلاف داخل درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون . جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ (اڄ ) جمعي ڏينهن تي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندو . بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس شمس محمود ، جسٽس شاهد ڪريم ، جسٽس شهرام سرور چوڌري ۽ جسٽس جواد حسن شامل آهن .
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهري جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل سمير جي گهروارن کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار سمير جي ماءُ ٻڌايو ته 8 سال ٿي ويا آهن پر انصاف ناهي ملي سگهيو، سرڪاري وڪيل چيو ته سمير جي حوالي سان پتو ناهي پئجي سگهيو، ڪي پي ڪي جي حراستي مرڪز ۽ جيل عملدارن کي خط لکيو آهي، سمير جي ماءُ چيو ته هي سڀ ڪوڙ ڳالهه رهيا آهن ۽ ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن.
-
بغير ويڪسينيشن جي جانور ڪراچي ۾ اچڻ لڳا، ڌرين کي نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ ويڪسينيشن جي بغير جانورن کي ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ۽ غيرقانوني ٽيڪس وٺڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪراچي جي مئير، گڏاپ ۽ ابرهيم حيدري جي چيئرمين سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جي صدر شاڪر گجر موقف اختيار ڪيو ته ويڪسينيشن ۽ اسپري کانسواءِ جانورن کي ڪراچي اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن ۾ جانورن ۽ انسانن ۾ بيماري پکيرجي رهي آهي.