منهنجي دشمني ۾ لاڏلي کي آڻي ملڪ کي ڇو نشانو بڻايو ويو؟ نوازشريف

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته لاڏلي کي آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ کي سزا ڇو ڏني وئي؟الله پاڪ جو شڪر آهي ته ڪوڙن ڪيسن مان بري ٿيس پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ سوال انگارن وانگر دُکي رهيا آهن، قوم سان ٽي وي ذريعي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پٽ کان پگهار نه وٺن تي مون کي وزارت اعظميٰ  تان فارغ ڪيو ويو، مون کي تاحيات نااهل ڪيو ويو، مون کي سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر چيو ويو، پر هاڻي مون خلاف شرمناڪ راند جا سمورا چهرا وائکا ٿي چڪا آهن، هن چيو ته مون کي ته جيل ۾ رکيو، پر عوام کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي؟ عوام 8 فيبروري تي پنهنجي سزا ختم ڪري ڇڏيندو، عوام ئي عدالت ۽ جج آهي، اُن کي ڪنهن جج ڏانهن وڃڻ جي ضرورت ناهي،هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف کان جان ڇڏائي هئي، پر ملڪ کي ٻيهر فقير بڻايو ويو، 6 سال سوچيندو رهيس ته مون سان دشمني ۾ پاڪستان کي نشانو ڇو بڻايو ويو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.