مطالعي جي زوال جا سبب تعليم جي کوٽ، مهانگا ڪتاب، موبائيل فون آهن:وڏو وزير

ڪراچي (  رپورٽر   ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ٻاھران ايندڙ ڪاغذ تي ڊيوٽي جو اختيار وفاقي حڪومت جو / آهي، ان هوندي به سنڌ حڪومت درآمدي ڪاغذ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪندي، مطالعي جي زوال جو بنيادي سبب ٻارن ۾ تعليم جي کوٽ، مهانگا ڪتاب، موبائيل فونن جو وڌندڙ رجحان آهن جنهن سبب مطالعو متاثر ٿي رهيو آهي،هن اها ڳالهه خميس ڏينهن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ 18-هين عالمي ڪتاب ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي . ان موقعي تي پاڪستان پبلشرز اينڊ بُڪ سيلرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين عزيز خالد، ڪي آءِ بي ايف جو ڪنوينئر وقار متين، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ سينيٽر فيصل سبزواري، سينئر صحافي قاضي اسد عابد، سعيد خاور، اديب، شاعر، سماجي ۽ سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون. پاڪستان پبلشرز اينڊ بُڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عزيز خالد چيو ته 2005ع کان 2023ع تائين لاڳيتو ڪتابن جا ميلا جاري آهن. ڪتاب ميلي جي ذريعي ڪتاب پڙهڻ جو ڪلچر ٻيهر اچي رهيو آهي. هن وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته ڪاغذ تي لاڳو ڊيوٽي ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وفاق سان ڳالهائي. ان موقعي تي  ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته مون کي خبر آهي ته پاڪستاني پبلشرز ڪاغذن جي قيمتن ۾ واڌ سبب ڏکيائين ۾ آهن پر درآمدي ڪاغذ تي ڀاڙڻ بدران ڪاغذ جي مقامي انڊسٽريز کي واڌارو ڏيڻ گهرجي افتتاحي تقريب ۾ ٻه اديب ڊاڪٽر عقيل عباس جعفري ۽ ڊاڪٽر بلال نقوي کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا جڏهن ته پبلشرز ۾ امينه سيد ۽ عليم قريشي کي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.