لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته امن جي قيام لاءِ عوام جي اعتماد تي ٻڌل مستحڪم حڪومت جي ضرورت آهي، چونڊن جي بروقت منعقد ٿيڻ سان انتشار ۽ دهشتگردي پکيڙڻ وارا ناڪام ٿيندا. بٽگرام ۾ جلسي کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي چيو ته ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس سبب ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، گذريل سمورن حڪمرانن جي ڪارڪردگي صفر آهي، هاڻوڪي اليڪشن ۾ هنن وٽ ڪو به داستان ناهي، سراج الحق چيو ته ملڪ کي سالن کان لٽيو پيو وڃي، انصاف ۽ احتساب هڪ مذاق بڻجي ويو آهي،هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ جي سياست ٻن خاندانن جي چوڌاري گهمي رهي آهي، پي ٽي آءِ 4 سالن ۾ ڪا به بهتري نه ڪئي آهي.