عام شهرين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل متوازي عدالتي نظام هلائڻ آهي: سنڌ بار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بار ايسوسيئيشن چيو آهي ته سويلينز جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل آئين جي آرٽيڪل 10 اي جي ڀڃڪڙي آهي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته سويلينز جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل آئين جي آرٽيڪل 10 اي جي ڀڃڪڙي آهي، سنڌ بار ايسوسيئيشن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته سويلينز جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل متوازي عدالتي نظام هلائڻ آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن چيو آهي ته سولينز جي ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل سان عدليه تي عوام جو اعتماد گهٽ ٿيندو، پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ اپيل تي جلد آئين ۽ قانون م وجب فيصلو ڪري، واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو معطل ڪيو هو، سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل جاري رکڻ جي اجازت ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.