سنڌ جي احتجاج رنگ لاتو، 10 مهينا اڳ اغوا ٿيل نازيه بيبي ۽ معصوم ڌيءَ آزاد

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان کوسو/ ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ پوليس پاران اغوا ٿيل نازيه بي بي، معصوم ڌيءَ ۽ ڪچي ۾ جنم ڏيندڙ پٽ ادو کي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، 10 مھينا اڳ اغوا ٿي ويل  نازيا بيبي کوسو، معصوم نينگري ڪوثر ۽ هٿيارن جي ڇانو ۾ جنم وٺندڙ نينگر ادو کوسو کي مقابلي بعد آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب نازيا بيبي کوسو سندس معصوم ٻارڙي ڪوثر ۽ جنم ورتل ادو کي پوليس ڪچي ۾ ڏوهارين سان مقابلو ڪندي آزاد ڪرايو آهي، پوليس موجب ڳجهي اطلاع ملڻ تي اسين ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري مغوين کي آزاد ڪرايو آهي، پوليس موجب هٿياربند مغوين کي ڇڏي ڪچي طرف فرار ٿي ويا جن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪچي ۾ سرچ آپريشن ڪري رهي آهي، ايس ايس پي روحيل کوسو پڻ پنهنجي فيس بڪ وال تي نازيا بيبي کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي بازيابي جي تصديق ڪئي، نازيا بيبي کوسو جي بازيابي جي خبر وارثن ۾ پوڻ شرط خوشي جي لهر پکڙجي وئي، نازيا بيبي کوسو 10 مهينا اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿي هئي نازيا بيبي کوسو جي اغوا ٿيڻ وقت ان جي پيٽ ۾ 9 مهينن جو ٻار هو جنهن ڪچي ۾ هٿيارن جي ڇانو ۾ ڪچي ۾ جنم ورتو، اغوا ٿي ويل نازيا بيبي کوسو ڪچي ۾ هٿيارن جي ڇانو ۾ معصوم نينگر کي جنم ڏيڻ بعد ان جو نالو ادو رکيو هو.

  • نازيه بي بي ۽ نينگر ادو کي راڄوڻي ذريعي آزاد ڪرايو ويو: ذريعا

ڪنڌڪوٽ:ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته اغوا ٿي ويل نازيا بيبي کوسو جي وارثن ٻارڙي ڪوثر کوسو جي اغوا جو ڊرامو رچايو هو.ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته نازيا بيبي کوسو کي هٿياربندن ان وقت اغوا ڪيو هو جنهن وقت هو پنهنجي ڀاءَ سان موٽرسائيڪل تي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ بعد کين گهر طرف واپس اچي رهي هئي ان وقت هٿياربندن صرف نازيا کوسو کي اغوا ڪيو هو.ذريعن موجب پوليس به ڪچي مان نازيا بيبي کوسو ۽ سندس جنم ورتل معصوم نينگر کي ظاهر ڪيو آهي.ذريعن موجب نازيا بيبي کوسو ۽ سندس معصوم نينگر ادو کوسو کي راڄوڻي طريقي سان پوليس بازياب ڪرايو آهي.جڏهن ته وارثن پاران مسلسل ميڊيا ۾ پڻ اهي خبرون هلرايون ته ڪوثر کوسو کي ماءُ نازيا بيبي سميت اغوا ڪيو ويو آهي ۽ پوري سنڌ اندر نازيا بيبي ۽ ڪوثر کوسو جي بازيابي لاءِ احتجاج ٿيندا رهيا ۽ گذريل 2 ڏينهن پهريان ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ تائين عوامي ورڪرز پارٽي طرفان پيادل مارچ ڪيو ويو هو جنهن ۾ به اهو ئي مطالبو هو ته نازيا بيبي کوسو ۽ ڪوثر کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي.هوڏانهن نازيا کوسو جي وارثن کان ڪوثر کوسو کي پوليس پاران ظاهر نه ڪرڻ تي معلومات ورتي جن به ڳاله کي گول مول ڪري ڇڏيو.

  • نازيه بيبي کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي آزادي لاءِ اسلام آباد کان ڪراچي تائين احتجاج ٿيا

ڪنڌڪوٽ:نازيه بيبي کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي بازيابي لاءِ اسلام آباد کان ڪراچي تائين احتجاج ٿيندا رهيا.جڏهن ته مختلف  وقتن تي نازيا کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻا لڳندا رهيا.نازيا بيبي کوسو ۽ سندس معصوم نينگري ڪوثر کوسو جي بازيابي لاءِ مسلسل 2 ڏينهن انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو هو جنهن بعد اڳوڻي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پي عرفان سمون پاران 100 کان وڌيڪ ڌرڻو هڻندڙن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو جيڪو هيل تائين ڪيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ هلندڙ آهي.نازيا کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي بازيابي لاءِ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي سڀني قومپرست تنظيمن ۽ مذهبي تنظيمن پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايا هئا.

  • نازيا بيبي کوسو اڳوڻو ايس ايس پي عرفان سمون جي دور ۾ اغوا ٿي هئي

ڪنڌڪوٽ: نازيا بيبي کوسو اڳوڻو ايس ايس پي عرفان سمون جي دور ۾ اغوا ٿي هئي، ايس ايس پي عرفان سمون پاران نازيا بيبي  کوسو کي اغوا ڪندڙ بنگوار برادري جي هٿياربندن ۽ سندس جوابدار ڌر جي چڳن مڙسن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا هئا، نازيا بيبي کوسو اغوا ڪيس ۾ وارثن پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ نازيا بيبي کوسو ۽ معصوم نينگري ڪوثر کوسو کي اغوا ڄاڻايو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.