ڪچي ۽ پڪي جي علائقن کي ڏوهن کان پاڪ ڪنداسين: آءِ جي سنڌ

شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي)آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ايس ايس پي آفيس شڪارپور پھتو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ۽  ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان پڻ موجود ھئا،آءِ جي سنڌ ۽ ٻين آفيسرن شھيدن جي يادگار تي گل چاڙھي فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت ۾ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ڊي آءِ جي سکر عبدالحيد کوسو، ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو،  ايس ايس پي اسپيشل برانچ لاڙڪاڻو منصور احمد مغل ۽ اي ايس پي سٽي شڪارپور محمد عثمان خان شرڪت ڪئي، آءِ جي سنڌ چيو ته آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز به حصو وٺندي، ڪچي ۽ پڪي جي علائقن کي ڏوھن کان محفوظ بڻائڻو آھي، ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻايو ويندو، ڏوھارين خلاف جديد ھٿيارن سان آپريسن ٿيندو، ڏوھارين جي سھولتڪارن ۽ مددگارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪچي ۽ پڪي مان ڏوھارين جو خاتمو ڪرڻ ۽ عوام جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ سنڌ پوليس جي پھرين  ترجيح آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.