نوازشريف ۽ احتساب جون ڳالهيون

عام چونڊن جي لاءِ جڙيل ماحول ۾ ھڪ طرف مسلم ليگ ن جي لاءِ اھو تاثر آھي تھ اھا اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ڪري ميدان ۾ آئي،جڏھن تھ ٻئي پاسي رکي رکي اوچتو ميان نوازشريف اھڙي ڳالھھ ڪري ٿو وجھي. جنھن سان ماڻھون اھو سمجھن تھ ھو اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانئيو کڻي ھلي رھيو آھي.تازو ميان صاحب وري ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان پنھنجي ڳالهھ ڪري ويو آھي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته انتقام وٺڻ نه ٿو چاهيان پر حساب وٺڻ ته ٺهي ٿو، قوم سان زيادتي ڪندڙن کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. 8 فيبروري تي وڏي عدالت لڳندي، خبر پوندي  ته ڪير سسلين مافيا آهي ۽ ڪير عوام سان سچو آهي.

ميان نواز شريف پارٽيءَ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪري رھيو ھو. ھن جو چوڻ ھو تھ  مون ڪڏهن به جنرل باجوا ۽ فيض حميد خلاف سازش نه ڪئي، مون جنرل راحيل شريف خلاف به سازش نه ڪئي هئي. هن چيو ته سازش ۾ ڪير ڪير شريڪ هئا انهن جو پتو لڳائڻ گهرجي، چيو وڃي ٿو ته مان انتقام وٺڻ لاءِ آيو آهيان، ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انتقام نه وٺندس پر حساب ڪتاب وٺڻ ته ٺهي ٿو.

نواز شريف چيو ته ججن منهنجي لاءِ سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جهڙا رمارڪس ڏنا، ڇا ججز کي هڪ چونڊيل وزيراعظم لاءِ اهڙا رمارڪس جڳائين پيا، منهنجي خلاف اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو جيڪو دنيا ۾ مذاق بڻجي ويو . هڪ جج چيو ته نواز شريف کي خبر هجڻ گهرجي ته اڊيالا جيل ۾ گهڻي ئي جاءِ موجود آهي. نواز شريف چيو ته گهر واريءَ سان ڳالهائڻ جي التجا نه مڃي وئي، منهنجي خلاف هڪ جج کي مانيٽرنگ جج بڻايو ويو.

ھڪ لحاظ سان ميان صاحب جي ڳالھھ کي مڪمل طور رد نٿو ڪري سگھجي،پر کيس اھو بھ سمجھڻ گھرجي تھ جنھن سيڙھي تان ھو اقتدار جي ڪرسي تائين پھچي رھيو آھي. اھو سڀ ڪجھھ ممڪن ٿي سگھي ٿو، جيڪڏھن  ميان نوازشريف وسيع تر مفادن ۾ سمورين سياسي ڌرين کي پاڻ سان گڏ ڪري سياستدانن جي لاءِ ھاڪاري رويو اختيار ڪري، ھو پاڻ اھو  تاثر زائل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آھي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ھلائڻ جي لاءِ غيبي طاقت ڪم ڪندي ھئي، تھڙي ريت ھڪ غيبي طاقت مسلم ليگ ن جي لاءِ سمورا ڪم ڪري رھي آھي، ايتري تائين جو ميان نوازشريف چونڊن واري ماحول ۾ بھ خود سياسي طرح سرگرم ٿيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي،ھن جي سمورن روين مان تھ محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھن جي لاءِ ڪو ٻيو ئي اھي سڀ ڪم ڪري رھيو آھي.

پارليامينٽ، عدليھ کي سگھارو ڪري ٿي ۽ اھي ٻئي ادارا گڏجي ڪري اعليٰ منصب تي موجود اڳواڻ جا ھٿ مضبوط ڪن ٿا، وري اھي ٽئي ادارا گڏجي ڪري پريس کي بھ سگھارو ڪن ٿا.اھڙي ريت ھڪ ادارو ٻئي جو ڀرجھلو ٿئي ٿو پر پاڪستان ۾ ڳچ عرصي کان ٿيل پريڪٽس جي ڪري اھي سمورا ادارا ڇڙوڇڙ ٿي ويا آھن، اھي ھڪ ٻئي جي سگھھ ٿيڻ بدران ھڪڙو ادارو ٻئي جي خلاف سرگرم ٿي وڃي ٿو.جنھن سبب ملڪ ھر ڀيري ھڪ چاڙھي چڙھي ٿو وري نئين سر سان ساڳي پريڪٽس ڪرڻي پوي ٿي.

ھاڻي جڏھن پارليامنيٽ توڙي حڪومت جو دائرو محدود ڪيو ويو آھي، تڏھن پڻ اھو ممڪن آھي تھ وقت جي حڪومت عوام جي ڀلائي جا ڪم ڪري سگھي ٿي، سرڪار جي انتظام ۾ ڪم ڪندڙ ادارن مان بدعنواني کي ختم ڪري سگھجي ٿو. عوامي خدمت جي ادارن جي نگران ڪري انھن کي عوام جي حقيقي خدمت واري پاسي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري سگھجي ٿو.عوام جي حقن جي تحفظ جي لاءِ عملي طور قدم کڻي سگھجن ٿا.

ڪنھن وڏي مقصد جي لاءِ وڏي سوچ جي بھ گھرج آھي، جنھن سان ئي ٻين سمورين سياسي ڌرين کي گڏ کڻي اھو حاصل ڪري سگھجي ٿو ان جي لاءِ ھڪ وڏي يا عظيم اڳواڻ ٿيڻ جي لاءِ سوچ ۽ فڪر کي بھ وسيع ڪرڻو پوندو ۽ سمورين پسند ايندڙ يا پسند نھ ايندڙ سياسي جماعتن کي پاڻ سان ملائي ھڪ قوت بڻائڻي پوندي، اھو سڀ جيڪڏھن ٿي ويندو تھ اسٽيبلشمينٽ خود سياسي مداخلت کان پاسو ڪري ويندي. جڏھن ميان نوازشريف سمورين ڌرين کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلندو تھ پوءِ ئي انتقام بدران حساب ڪتاب واري سندس ڳالھھ طرف اڳيان وڌي سگھبو. ان کانسواءِ اھو ممڪن نھ ھوندو.

  • سياستدان  وفاداري بدلائي ساک خراب ئي ڪن ٿا

عام چونڊن  جي ويجھي اچڻ سان ھميشھ جيان  سياسي ماحول گرم ٿي ويندو آهي ۽ موسمي سياستدان پنھنجي مفادن کي نظر ۾ رکي وفاداريون تبديل ڪندا آھن ۽ وري اھو چوندا آھن تھ ھنن جو ضمير جاڳي پيو آھي. بھتر ٿئي جيڪڏھن اھي سياستدان عام حالتن ۾ بھ عوام سان رابطي ۾ رھن انھن جي ڏکن سورن کي سمجھن، انھن سان لهه وچڙ ۾ رھن تھ کين عوام جي اھنجن جو احساس بھ ٿئي.ھن ڀيري بھ ھميشھ جيان  سياسي وفاداريون تبديل ٿي رهيون آهن.

سنڌ ۾ پ پ جي ڪاوڙيل ميمبرن لاءِ  ن  ليگ پنهنجي ڇَٽي کولڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن  سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي فالٽ لائن تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. جنهن ۾ کين ڪاميابي به ملي رهي آهي. هڪ ٻئي پويان مضبوط ۽ سياسي قدآور شخصيتون (ن) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيون آهن. بدين جي سردار ڪمال خان چانگ ن ليگ اڳواڻن سان ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شموليت جو اشارو ڏنو آهي. ذريعن مطابق  ڄامشوري ضلعي سان واسطو رکندڙ پ پ جي انتهائي طاقتور سياسي شخصيت به جلد لاهور رواني ٿيندي. جتي نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ن ليگ ۾ شموليت جو امڪان آهي. هوڏانهن پ پ سان تعلق رکندڙ نواب شاهه مان پارلياماني سياست ڪندڙ  پڻ  ن  ليگ ڏانهن وڃڻ جي تيارين ۾ آهن.

سياست ڪرڻ جو ھر ڪنھن کي حق حاصل آھي پر چونڊن جي مند ۾ سياستدانن جي وفاداري بدلائڻ خود انھن جي ساک تي بھ سوال اٿاري ٿي ۽ انھن جي اھڙي مھم جوئي جو عوام کي گھٽ پر انهن کي وڌيڪ فائدو ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.