ٽوبا ٽيڪ سنگهه(م ڊ)ٿاڻي سٽي ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي حدن ۾ هيرا ڪالوني ۽ نيلم جبار ٽائون ۾ ملڪيت جي تڪرار تي جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي ئي خاندان جي پنج ماڻهن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿيندڙن ۾ جوابدار جي والده، ڀيڻ، ڀاڻيجي ۽ ٻه ڀيڻويا شامل آهن، پوليس ترجمان موجب جوبدار عرفان کي ان ڳالهه جو ڏک هو ته سندس ڀينرون ۽ ماءُ وراثت مان پنهنجو شرعي حصو گهري رهيون هيون، مقتولن ۾ جوابدار جو ڀاءُ عبدالقدير، عبدالخالق، جوابدار جي ڀيڻ فرحت نسرين، والده نسيم بي بي،معصوم ڀاڻيجي نين تارا شامل آهن.
-
حماد اظهر ۽ مراد سعيد سميت 8 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ
لاهور(م ڊ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عسڪري ٽاور کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن حماد اظهر ۽ مراد سعيد سميت 8 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبهر گل پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن،
-
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڀارت کي ايشيا جو ڪرپٽ ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو
برلن(م ڊ) ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل ڀارت کي ايشيا جو ڪرپٽ ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو، جتي رشوت جي شرح 69 سيڪڙو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق برلن ۾ بدعنواني خلاف ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل طرفان ڪيل تحقيق ۾ جاپان 0.2 سيڪڙو رشوت سان سڀ کان گهٽ ڪرپٽ ملڪ طور ڏٺو ويو. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڀارت ويٽنام، ٿائلينڊ ۽ ميانمر کان به وڌيڪ بدعنوان ڏٺو ويو آهي. ڀارت ۾ تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ لاءِ رشوت وٺڻ جي شرح تمام گهڻي آهي.
-
سنڌ حڪومت طرفان ڪرسمس ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران حڪومت طرفان 25 ڊسمبر عيسائي مذهب جي ڪرسمس عيد موقعي تي 24 ڊسمبر شام جو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي اقليتي معاملن، سڌ سماءُ ۽ سماجي ڀلائيءَ واري نگران وزير محمد احمد شاهه سان عيسائي برادري جي سينيٽر انور لال ڊين، پاڪستان سک ڪائونسل جي سربراهه سک سردار رميش سنگهه ۽ بشير گل گڏيل ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اقليتي معاملن وارو سيڪريٽري احمد کوسو، سيڪريٽري سڌ سماءُ نديم الرحمان ميمڻ پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سنڌ جي نگران وزير احمد محمد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي اقليتي برادري جي ڀلائي جي سمورن منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران 24 ڊسمبر جي رات هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبي جي مسيحي برادري ۽ سڀني بزرگن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي. هن چيو ته ڪرسمس ۽ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو جنم ڏهاڙو 25 ڊسمبر تي به روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو.
-
گئس اگهن ۾ واڌ،اوگرا پاران 18 ڊسمبر تي عوامي ٻڌڻي رٿيل
اسلام آباد(م ڊ)آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ (ايس ايس جي سي ايل) طرفان مالي سال 24-2023ع لاءِ محصولن جو ڪاٿو ضرورتن/مقرر ڪيل قيمتن تي نظرثاني لاءِ داخل درخواستن تي 18 ڊسمبر 2023ع تي سنڌ جي صوبائي گادي واري شهر ڪراچي ۾ عوامي ٻڌڻي ڪندي. درخواست گذار پهرين جولاءِ 2023ع کان ان جي سراسري مقرر قيمت ۾ 226.18 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جي گهر ڪئي آهي.
-
لاڙڪاڻي ويجهو شادي ڪاڄ ۾ فائرنگ ٽي معصوم نينگر زخمي
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد کوکر ڳوٺ ۾ شادي تقريب ۾ خوشيءَ ۾ ڪيل فائرنگ دوران 3 نينگر زخمي ٿي پيا. فائرنگ دوران غلام مصطفيٰ پٽ غلام مرتضيٰ، عذير پٽ شڪيل، ٽيون نينگر صابر حسين کوکر جو پٽ زخمي ٿيو، ٽنهي نينگرن کي ڳڙهي خدابخش ڀٽو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد کين چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، واقعي بابت ڄاڻ ملي آهي ته کوکر ڳوٺ ۾ محسن کوکر جي شادي تقريب ۾ خوشيءَ ۾ نوجوانن پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ 3 نينگرن کي گولي لڳي جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيا ۽ شادي ڪاڄ ۾ دانهون پئجي ويون.