مغوي نازيا بي بي ۽ نياڻي جي آزادي لاءِ ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ تائين مارچ

ڪشمور/ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي/ ممتاز سنڌي) ڪنڌ ڪوٽ اغوا ٿيل نازيه بيبي کوسو ۽ معصوم نياڻي ڪوثر کوسو کي 10 مھينا گذرڻ باوجود پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي، ماءُ ۽ ڌيءُ جي آزادي لاءِ عوامي ورڪر پارٽي جي سڏ تي عبدالحميد کوسو، امداد  الله کوسو، فاروق نائچ، سعيد احمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گذريل ڏينهن ڪشمور مان نڪتل پيادل مارچ 50 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ڪنڌڪوٽ شھر پھچڻ تي باءِ پاس گولا موڙ کان مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن استقبال ڪري پيادل مارچ سان گڏ ٿي شھر ۾ داخل ٿيا، شھر جي ڪشمور روڊ شھر جي دل گھنٽاگھر چوڪ، مين بازار، لائبريري چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پھچي ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي عائشه ڌاريجو، حافظ نصر الله چنه، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي، سجاد بروھي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، سنتوش ڪمار اگروال ۽ ٻين چيو ته 10 مھينا اڳ گھر ويندي ڀاءُ جي سامھون نازيه بي بي کوسو ۽ معصوم ٻن ورھين جي نياڻي ڪوثر کوسو کي بنا ڪنهن خوف جي سري عام خير شاهه روڊ کان اغوا ڪري ڪچي ۾ کڻي ويا جنهن کي ايترو وقت گذرڻ جي باوجود پوليس ڪجهه نه ڪري سگهي آهي، پوليس کي مڪمل ڄاڻ آهي ته عورت ۽ نياڻي کي اغوا ڪندڙ ڪير ۽ ڪٿي آھن جنهن جي باوجود ڪا ڪارروائي نه ٿيڻ ۽ آزادي عمل ۾ نه اچڻ قانون جي رٽ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، سرداري نظام کي مضبوط ڪيو ويو آهي جيستائين سرداري، جاگيرداري نظام ھلندو رھندو ته قانون ڪمزور ٿيندو غريب مسڪين عوام تڪليفون ڏسندي رھندي جنهن ڪري سنڌ ۾ لاقانونيت کي پيدا ڪيو ويو آهي اسين مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قانون جي ختم ٿيل رٽ بحال ڪري اغوا ٿيل نازيه بي بي کوسو ۽ معصوم ڪوثر کوسو کي فوري بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي ويهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.