انتقام نه ٿو چاهيان، قوم سان زيادتي ڪندڙن کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي:نواز شريف

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته انتقام وٺڻ نه ٿو چاهيان حساب وٺڻ ته ٺهي ٿو، انتقام نه ٿو چاهيان، قوم سان زيادتي ڪندڙن کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. 8 فيبروري تي وڏي عدالت لڳندي، خبر پوندي  ته ڪير سسلين مافيا آهي ۽ ڪير عوام سان سچو آهي. ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف پارٽيءَ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب دوران چيو ته مون ڪڏهن به جنرل باجوا ۽ فيض حميد خلاف سازش نه ڪئي، مون جنرل راحيل شريف خلاف به سازش نه ڪئي هئي.  هن چيو ته سازش ۾ ڪير ڪير شريڪ هئا انهن جو پتو لڳائڻ گهرجي، چيو وڃي ٿو ته مان انتقام وٺڻ لاءِ آيو آهيان، ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انتقام نه وٺندس پر حساب ڪتاب وٺڻ ته ٺهي ٿو پر  . نواز شريف چيو ته ججن منهنجي لاءِ سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جهڙا رمارڪس ڏنا، ڇا ججز کي هڪ چونڊيل وزيراعظم لاءِ اهڙا رمارڪس جڳائين پيا، منهنجي خلاف اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو جيڪو دنيا ۾ مذاق بڻجي ويو . هڪ جج چيو ته نواز شريف کي خبر هجڻ گهرجي ته اڊيالا جيل ۾ گهڻي ئي جاءِ موجود آهي. نواز شريف چيو ته گهر واري سان ڳالهائڻ جي التجا نه مڃي وئي، منهنجي خلاف هڪ جج کي مانيٽرنگ جج بڻايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.