ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ شاهد خاقان عباسي جي وڪيل خواجه نويد چيو ته سنڌ هاءِڪورٽ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ٿيندي ئي اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪيو ويو هو، جڏهن ته احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف جو ڪيس چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ کوليو ويو جنهن جج اعتراف ڪيو جيڪو هن دنيا مان هليو ويو، نوازشريف کي ڪيس مان آزاد ڪيو ويو آهي ماڻهن چئي رهيا آهن ته انصاف ٿيو آهن، اسان کي ٻڌايو وڃي نوازشريف جا قميتي سال ڪير واپڇس ڪندو، جسٽس جاويد اقبال گهر ۾ آرامي آهي عدالتون اسان ڀوڳي رهيا آهيون، ملڪ جي هڪ وزير اعظم کي انصاف نٿو ملي سگهي ته پوءِ عا۾ ماڻهو کي ڪيئن انصاف ملندو، جنهن ملڪ ۾ عدالتون انصاف نه ٿيون ڪن اهو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، جسٽس جاويد اقبال کي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي، جيڪو ماڻهو انصاف جي ڪرسي ويهي انصاف نٿو ڪري سگهي هن جي خلاف ڪاروائي ٿين گهرجي، جعلي فيصلو ڪرڻ کان اڳ عوام جو سوچڻ گهرجي، هن چيو ته ميدان خالي ڇڏڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، نواز شريف سان ملاقات ناهي ٿي، جيڪڏهن حڪم ٿيندو ته هليو ويندس.