چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، بلاول کي وزيراعظم ڏسڻ چاهيون ٿا:سراج دراني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغاسراج دراني چيو آهي ته هي ماحول مون کي لانڍي جيل جو لڳي رهيو آهي، احتساب عدالت ۾  آغا سراج دراني سميت ٻيا آمدنيکان وڌيڪ ملڪتيون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ پيش ٿيا، عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته ريفرنس ۾ 7جوابدار روپوش آهن،چئن جوابدارن جي پاران حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي وئي، عدالت ٻڌڻي 22جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي،  عدالت ٻاهران ڳالهائيندي سراج دراني چيو ته آصف زرداري سينيئر سياستدان آهي ۽ بلاول ڀٽو به سٺو آهي هن جي ڪم جو طريقو الڳ آهي، هن کي وزيراعظم جو موقعو ملڻ گهرجي، اسان جي روايت آهي ته اسان مهمان کي ڀليڪار چوندا آهيون، شاهد خاقان عباسي سٺو دوست آهي، ان سان ملاقات ٿي آهي، هو لانڍي جيل ۾ گڏ هو، هو هڪ قول جو پڪو ۽ طاقتور ماڻهو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.