ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس مان جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني کي ويل چيئر تي ويهاري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت اڳوڻي آءِ جي سنڌ شعيب سڊل، ذوالفقار احمد، ظفر اقبال ۽ ٻين اڳوڻن آفيسرن کي به طلب ڪري ورتو آهي، وڪيل چيو ته شعيب سڊل ملڪ کان ٻاهر آهي کيس پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، ڪيس ۾ نامزد ڪراچي پوليس جو اڳوڻو سربراهه شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني ۽ ڪجهه ٻيا جوابدار فوت ٿي چڪا آهن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي فوت ٿي ويل جوابدارن جي تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010 ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، ڊسمبر 2010 ۾ ماتحت عدالت مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس مان 20 پوليس آفيسرن کي آزاد ڪيو هو.