جروار/حيات پتافي (رپورٽ همت بوزدار/جاويد لاشاري) جروار ڀرسان ھٿياربندن مال چاريندڙ پيرسن مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب پيرسن ٿڌي تي قتل ٿي ويو، جروار ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب پيرسن قتل ٿي ويو، پوليس واقعي واري ھنڌ پُھچي مال چاريندڙ ڌنار پيرسن عمر ولد سانوڻ پتافي جو لاش ميرپور ماٿيلو پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال کڻائي وئي، ذريعن جو چوڻ ھو ته سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن تان ڀائٽين پيرسن کي قتل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته پوليس به پنھنجي موقف ۾ ساڳئي ڄاڻايو آھي ته ذاتي رنجشن جي ڪري پيرسن کي قتل ڪيو ويو آھي وڌيڪ جاچ ڪري اصل قاتلن کي گرفتار ڪنداسين