¨ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزه اسٽيل مل ريفرنس ۾ مليل سزا جي خلاف نواز شريف جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي.
¨ رپورٽن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ جوڙيل ان ٻن ميمبرن تي ٻڌل بينچ ئي نواز شريف کي گذريل مهيني 29 نومبر تي ايون فيلڊ ريفرنس مان به آزادي جو حڪم جاري ڪيو هو.
¨ جڏهن ته رپورٽن موجب ان ڪيس ۾ 24 ڊسمبر 2018ع تي اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزه ريفرنس ۾ ست سال قيد، ڏهن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو هو.
¨ رپورٽن موجب هن ريفرنس جي ٻڌڻين ۾ نيب ان الزام کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو دستاويزي ثبوت مهيا نه ڪر سگهي هئي پر پوءِ به کيس نااهلي جي سزا ڏني وئي هئي.
¨ هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جنهن احتساب عدالت 2018ع ۾ ان ريفرنس ۾ نواز شريف کي غلط سزا ڏني هئي تنهن خلاف ڇا ڪا ڪارروائي نٿي ٿي سگهي؟
¨ جيڪڏهن هاڻي اهو ثابت ٿي ويو آهي ته اها سزا نواز شريف کي صرف 2018ع وارين چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ ڏني وئي هئي ته ڇا اهو ڪو ڏوهه ناهي؟
¨ ان ڪيس ۾ جنهن کي ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪوڙو قرار ڏنو آهي ۽ نواز شريف جي نااهلي کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اهو چونڊ وڙهي سگهي ٿو ته پوءِ 2018ع واري غلط عدالتي فيصلي ۾ ملوث ڌرين کي ڇو ٿو بخشيو وڃي؟
¨ اصل ۾ عدالتن جو نظام تڏهن درست ٿيندو جڏهن انهن جي سياسي ۽ انتقامي فيصلن خلاف احتساب ٿيندو. اسان جي ملڪن ۾ رڳو سياستدانن جو واري واري سان احتساب ٿيندو آهي، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويندا آهن ۽ وري انهن مان کين بري به ڪيو ويندو آهي.
¨ اهو به ممڪن آهي ته اڳي هلي اهو ثابت ڪرايو وڃي ته اسلام آباد جي موجوده بينچ جو اهو ڏنل فيصلو غلط هو ۽ اهو به اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ڏنو ويو هو.
¨ ڇاڪاڻ ته عام تاثر اهو آهي ته اهو نواز شريف جيڪو بحيثيت قيدي علاج واسطي لنڊن هليو ويو هو سو ڪاڪڙ جي نگران حڪومت ۾ وري هڪ ڊيل تحت واپس پهتو جنهن جو ثبوت اهو آهي ته سڌو جيل ۾ وڃڻ بدران نواز شريف کي ايندڙ وزيراعظم وارو پروٽوڪول ڏنو ويو.
¨ هاڻي ساڳي صورتحال عمران خان سان آهي. 2024ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ نواز شريف جو اقتداري رستو صاف ڪرڻ لاءِ عمران خان کي نااهل ڪري کيس جيل ۾ وڌو ويو آهي ۽ سندس پارٽي کي عملي طور ختم ڪيو ويو آهي. ملڪي تاريخ ۾ جيئن پي ٽي آءِ جي پارٽي کي تباهه ڪيو ويو آهي تيئن اهڙو حشر الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم سان ٿيو آهي ۽ سندن ڏوهه غداري رهيو آهي. هاڻي ته رپورٽون آهن ته الطاف حسين سان به وري اندورني طور ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
¨ سو مُلڪي اسٽيبلشمينٽ پنهنجن مفادن ۾ ڪلهه جي دوستن کي اڄ جو دشمن ۽ اڄ جي دشمنن کي سڀاڻي جو دوست بڻائي سگهي ٿي. اهو به ممڪن آهي ته مستقبل ۾ وري عمران خان جي پارٽي کي بحال ڪري کيس اقتدار ڏنو وڃي.هاڻي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر نواز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا ڪيئن بحال ٿيا آهن.
¨ ان حوالي سان نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته چوڻ وارا چون ٿا ته چين جي اصل ۾ اها فرمائش آهي ته سي پيڪ معاهدي کي بهتر نموني نواز شريف جي حڪومت ئي هلائي سگهي ٿي تنهن ڪري انکي اقتدار ۾ آندو وڃي. پاڪستان لاءِ ملڪ جي سياسي معاملن ۾ اڄ چين جي اها ئي اهميت آهي جيڪا ويجهي ماضي ۾ سندن وٽ آمريڪا جي رهي آهي.